ادبي اصول

ادبي اصول (ڪتاب ): هي ڪتاب غلام محمد شاهواڻيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ڪرائون سائيز جو آهي ۽ ان جو ڪچو جلد آهي، جنهن ۾ 112 صفحا آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، خيرمحمد حاجي سليمان نظاماڻيءَ، آفتاب پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1941ع ۾ ڇپايو. آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد سال 1954ع ۾ هن جو ٻيو ڇاپو ڇپايو ۽ ڇاپو ٽيون، سال 1962ع ۾، ڇاپو چوٿون 1965ع ۾، ڇاپو پنجون، فردوس پرنٽنگ پريس مان سال 1969ع ۾ ڇپيو. ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو پڻ غلام محمد شاهواڻيءَ جو لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو ڪچو جلد آهي، جنهن ۾ 95 صفحا آهن ۽ قيمت سوا رپيو ڄاڻايل آهي، ڇاپو پهريون، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، آفتاب اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1956ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو